سرهي مشڪ

سرهي مشڪ

سرهي مشڪ

سرهي مشڪ (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ڪهاڻيڪـاره پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ننڍين ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ 14 ڪهاڻيون، سرمئي مشڪ، دلال، طوفان ۽ گھٽ ٻوساٽ، ديش ڀڳتي، ائين ڪليون مرجھائجن ٿيون، ويچارو، ڇوت، اڪيلائيءَ جو ڀاڪر، سهڻي يا سگھڙ، عورت جو وار، بي زبان پربت، مکڙيءَ اندر ٻور ئي سڙي ويو هو، زما چور آهي ۽ مرد شامل آهن. ڪتاب تي مختصر پيش لفظ هولارام هنس لکيو آهي. هو لکي ٿو ته ’’زندگيءَ جي تصوير ۽ تنقيد، پوپٽيءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڀليءَ ڀت ڇڏي آهي... سندس ڪهاڻيون غم ۽ غصي، حيرت ۽ هيبت، پيار ۽ پڇتاءَ جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪهاڻيون آهن انساني محبت ۽ نفرت، حرص ۽ حوا ۽ ترقي ۽ تنزل جون.‘‘ ڪرائون سائيز جي 150 صفحن تي مشمتل هي ڪتاب، بيسٽ سنڌي سڀا بمبئيءَ، 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 25 روپيا آهي.


لفظ سرهي مشڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو